- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي پرائس ڪنٽرول پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ڪراچيءَ جي ڪمشنر سليم راجپوت عام واهپي جي شين جي اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اگهن تي ڪنٽرول لاءِ انتظاميا پرائس چيڪ ڪندي، کير جي ڊيري فارم قميت 180، هول سيل 188 ۽ رٽيل 200 رپيا في لٽر مقرر آهي.
هن چيو ته کنڊ هول سيل ۾ 123 رپيا ۽ رٽيل ۾ 130 رپيا في ڪلو هوندي، فلور مل اٽو 120، هول سيل 123 ۽ رٽيل 128 رپيا في ڪلو آهي، فائن اٽو 130 رپيا 133 رپيا هول سيل ۽ رٽيل جو اگهه 138 رپيا في ڪلو آهي، چڪيءَ واري اٽي جي رٽيل قميت 140 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته ٻاڪرو گوشت 17 سئو رپيا في ڪلو ۽ ٻڪريءَ جو گوشت 14 سئو 50 رپيا في ڪلو آهي، زنده فارمي ڪڪڙ 336 رپيا في ڪلو ۽ رٽيل 386 رپيا رٽيل آهي، ڪڪڙ جو گوشت 598 رپيا في ڪلو مقرر آهي.- Advertisement -
