ڪراچيءَ ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني  طرفان 2024ع لاءِ هڪ وڌيڪ انگلش ايڪسس اسڪالرشپ پروگرام شروع

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني  طرفان 2024ع لاءِ هڪ وڌيڪ انگلش ايڪسس اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تحت 200 شاگردن کي عالمي مهارت ۽ موقعن ذريعي بااختيار بڻايو ويندو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام پروگرام جي اهميت کي اجاڳر ڪندي ان کي نون موقعن ۽ روشن مستقبل جو اهم ذريعو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته انگريزي مهارتن کي بهتر بڻائي شاگرد پنهنجي لاءِ نون تعليمي ۽ پيشوراڻن موقعن جا دروازا کوليندا. اسڪاٽ اربام چيو ته هي پروگرام نه رڳو انگريزي ٻولي جون مهارتون وڌائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو پر آمريڪي ثقافت ۽ قدرن بابت به آگاهي فراهم ڪندو. آمريڪي قونصل جنرل پروگرام ڪرائيندڙ اداري ايووليوشن جي استادن ۽ ڪوآرڊينٽرن توڙي ٻئي عملي جا ٿورا پڻ مڃيا. آمريڪي مشن پاڪستنا جي ريجنل انگلش لينگويج آفيس جي امداد سان شروع ڪيل ٻن ورهين وارو پروگرام 13 کان 20 ورهين جي ذهين پر پٺتي پيل شاگردن کي  انگريزي ٻوليءَ جي تربيت فراهم ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
13%
0.4m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون