- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ محرم الحرام دوران بنا اجازت جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي پهرين محرم کان ڏهين محرم تائين رهندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي هوندي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، محرم الحرام دوران هٿيارن جي نمائش ۽ ڊرونز اڏائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي………- Advertisement -
