- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ پوليس واپارين ۽ ڪاروباري طبقي کان ڀتا خوري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي کارادر جي قيادت ۾ پوليس ڇاپو هڻي ڪراچيءَ ۾ واپارين ۽ ڪاروباري طبقي کان ڀتا خوريءَ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدار پرڏيهي سي ٽي آءِ واٽس ايپ نمبر اسعتمال ڪري ڀتا لاءِ رقم طلب ڪئي آهي.
گرفتاريءَ کانپوءِ جوابدار پوليس اڳيان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو.
پوليس طرفان ڀتا خوري جي ڪنهن به شڪايت لاءِ ايمرجنسي هيلپ لائن نمبر 03302699211 ۽ رينجرز طرفان هيلپ لائن ڊبل ون زيرو ون تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
