ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملو پاڪ چين لاڳاپا متاثر ڪرڻ جي سازش قرار

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سي ٽي ڊي شروعاتي رپورٽ ۾ آپگهاتي حملي کي پاڪ چين لاڳاپا متاثر ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. سي ٽي ڊي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت ۾ سي ٽي ڊي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ملوث هئي، دهشتگردن چيني شهرين تي پرڏيهي ڳجهي ايجنسي جي مدد سان حملو ڪيو. رپورٽ موجب دهشتگردن پنهنجي گاڏي  کي چيني شهرين جي قافلي ڀرسان آڻي ڌماڪو ڪيو، حملي ذريعي پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 15 گاڏيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون. ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
39%
4.4m/s
5%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون