تازه ترين

ڪراچي جي صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ترقياتي پيڪيج جي منظوري سنڌ حڪومت جو تاريخي ۽ بروقت فيصلو آهي :شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ترقياتي پيڪيج جي منظوري سنڌ حڪومت جو تاريخي ۽ بروقت فيصلو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي کي ٻيهر مضبوط، فعال ۽ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ملڪي معيشت جي دل، صنعتي زونز جي بحالي ۽ ترقي سڌي ريت روزگار، شيون ٻاهر اماڻڻ ۽ سيڙپڪاري سان ڳنڍيل شهر آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته صنعتي علائقن جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع روڊ ميپ تحت ترقياتي ڪم سومر کان شروع ٿيندا ۽ ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فنڊ انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان فراهم ڪيا پيا وڃن، جيڪو صنعتن طرفان ئي ادا ڪيو ويو، مختلف صنعتي زونز لاءِ ضروري ۽ ترجيحي بنياد تي فنڊن جي منصفاڻي ورڇ سنڌ سرڪار جي عملي قدمن جو ثبوت آهي. هن چيو ته ترقياتي ڪمن جي معيار، رفتار ۽ شفافيت تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، تجويز ڪيل نگران ڪميٽي ذريعي سمورن منصوبن جي نگراني ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو واضح اعلان آهي ته پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صنعتي علائقن لاءِ ساڳئي نوعيت جو هڪ ٻيو وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صنعتي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي سان ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس ۾ بهتري ايندي، ڪاروباري ڪاٿي ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي به ممڪن ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30 ° C
30 °
30 °
11 %
3.9kmh
75 %
اڱارو
30 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون