- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اورنگي ٽائون 10 نمبر غوثيه چوڪ ويجهو گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 عورتون، 3 مرد ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
زخمين ۾ عرفان، ابوبڪر، فيضان، فرقان، انعم، ندا، اقرا ۽ رابعه شامل آهن.
گهر اندر زوردار سلينڊر ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون پڻ پهچي ويون، جن زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
زخمين کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي…..- Advertisement -
