تازه ترين

ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻه معصوم ڀائر قتل

- Advertisement -
ڪراچي ۾ عطائي ڊاڪٽر 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ نه ملڻ تي ٻن معصوم ڀائرن کي بيهوشي جي دوا پيارڻ بعد کين گهٽائي ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. مڇر ڪالوني ۾ جوابدار عبدالڪريم ڀنگ نه ملڻ تي ٻن معصوم ٻارن کي هٿ پير ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش ڪلينڪ ۾ لڪائي ڇڏيا. پوليس موجب، جوابدار ٻارن جو پاڙيسري آهي ۽ رشتي ۾ سندن مامو ٿئي ٿو، جيڪو عطائي ڊاڪٽر پڻ آهي، جنهن ڀنگ لاءِ 8 ۽ 10 ورهين جي ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو آهي. مقتول ٻارن جي پيءُ سراج ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن پاڙيسري ڊاڪٽر 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ سندن ٻن ٻارن کي قتل ڪيو، جوابدار پاڙي ۾ عبدالڪريم نالي هڪ ڪلينڪ هلائيندو هو. ٻارڙن جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ٻارڙا صبح جي وقت ڪلينڪ تي ويل هئا، سندن ڀيڻ ٻنپهرن ڌاري کين وٺڻ لاءِ وئي ته عبدالڪريم چيو ته ٻئي ٻار ڪلينڪ تان نڪري ويا آهن، جيڪي رات جو 11 وڳي تائين گهر نه آيا. هن چيو ته جڏهن هو عبدالڪريم کي ٿاڻي تي وٺي ويا، جتي هن اعتراف ڪيو ته هن ٻنهي ٻارن قتل ڪري ڇڏيو آهي، سندن لاش ڪلينڪ ۾ پيل آهن. پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته هن ٻارن کي بيهوشي جي دوا ڏني، جنهن بعد ٻنهي کي هٿ پير ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪيو. جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته هو ٻارن لاءِ 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهري رهيو هو، نه ملڻ تي 24 ڪلاڪن اندر کين قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعي ۾ هو اڪيلو ملوث آهي يا ٻيا به شامل آهن؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون