- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورن 4 ٻارن جي پيءُ کي گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
رات دير سان فائيو اسٽار چورنگي ڀرسان اڻڄاتل ڦورن سلمان نالي شهريءَ کي ڦر جي ڪوشش دوران گولي هڻي زخمي ڪيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول سلمان لياقت آباد نمبر هڪ جو رهواسي ۽ ڪيٽرنگ جو ڪم ڪندو هو.
پوليس موجب، مقتول نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل ۾ دوست جي گهر کان پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هو ته فائيو اسٽار چورنگي تي هٿياربندن کيس ڦر مزاحمت تي زخمي ڪيو.
پوليس موجب، ڦورو مقتول سلمان جو والٽ ۽ لائسنس وارو پسٽل پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان صرف هڪ خول مليو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
واضع رهي ته هلندڙ سال ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل شهرين جو انگ 102 ٿي ويو آهي.- Advertisement -
