- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي يعقوب آباد ۾ پوليس جو سرچ آپريشن دوران مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا.
پوليس موجب اقبال مارڪيٽ جي علائقي ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار زخمي ٿي پيا، جيڪي اسپتال منتقلي دوران فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، ايمونيشن، موٽرسائيڪل روڪ رقم ۽ 2 موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ نجيب الله پٽ فيض الله ۽ فهيم پٽ جان محمد طور ٿي آهي، جيڪي پوليس کي گهربل هئا.- Advertisement -
