- Advertisement -
ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي لاڳو ڪئي ويئي آهي.
ڪمشنر ڪراچي اڄ ۽ سڀاڻي 19 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو تحت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي هوندي.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي درخواست تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفيڪشن تحت ڪراچي ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پوليس کي ڪارروائي جو اختيار هوندو.- Advertisement -
