- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي مقابلي دوران چار ڏوهارين کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گندا نالا ڀرسان سنيپ چيڪنگ دوران پوليس ۽ سي ٽي ڊي ٻن موٽر سائيڪل سوار شڪي ماڻهن جي بيهڻ جو اشارو ڏنو ته هٿياربندن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾4 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسپتال نيئندي چئني جوابدارن دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون، سندن سڃاڻپ عبدالستار، سري چند، راج ڪمار ۽ نواب احمد طور ٿي.
ٻئي پاسي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين 2 هفتا اڳ ڊفيس فيز 5 ۾ ڦر مزاحمت تي سڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ مقتول کان 5 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب، مارجي ويل ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..- Advertisement -
