اسرائيل جي لبنان تي بمباري ۾ 5 پيرا ميڊڪس ورڪرن سميت 62 ڄڻا شهيد ٿي ويا

spot_img
اسرائيل جي لبنان تي بمباري ۾ 5 پيرا ميڊڪس ورڪرن سميت 62 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب لبناني علائقي چياهه ۾ اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن جي بمباري سبب 2 عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا، هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ اسپتال جي ڊائريڪٽر سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا. لبنان جي علائقي بالبڪ ۾ اسرائيلي حملي ۾ 24 ڄڻن شهادت ماڻي. عرب ميڊيا موجب بيروت جي ڀرپاسي وارن علائقن تي سڄي رات هوائي حملا جاري رهيا. ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيلي فوجين وچ ۾چڪريون ٿيون، حزب الله اسرائيلي ٽينڪ تي ميزائل حملي ۾ ڪيترائي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حزب الله جو چوڻ آهي ته حيفا ڀرسان اسرائيلي ملٽري بيس کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو. لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب هيل تائين شهيد  ٿيلن جو انگ 3 هزار 670 ٿي ويو، جڏهن ته 15 هزار 335 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
16%
2.5m/s
0%
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
17 °

تازه ترين خبرون