- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
رات دير سان ملير، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ هلڪي برسات پئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، سانگھڙ ۽ ميرپور خاص سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪجهه علائقن تي تيز برسات جو به امڪان آهي جنهن ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.- Advertisement -
