- Advertisement -
ڪوٽڙي ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس تي حملي ۾ سي ٽي ڊي انچارج معجزاني طور بچي ويو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سائيٽ ٿاڻي جي حد چانور گدام لڳ سي ٽي ڊي پوليس تي مبينا طور دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پهتي ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي انچارج آصف حيات معجزاڻي طور بچي ويو، واقعي کانپوءِ پوليس توڙي سي ٽي ڊي جي وڌيڪ نفري کي طلب ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي انچارج آصف حيات جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي اطلاع تي ڪارروائي لاءِ پهتا ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ٻه گوليون موبائيل کي لڳيون آهن، علائقي کي گهيري هيٺ آڻي وڌيڪ نفري طلب ڪئي آهي.
ٻئي پاسي ڪوٽڙي پوليس جو چوڻ آهي ته کين سي سي ڊي پوليس مدد لاءِ طلب ڪيو بروقت پھچي ٻن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي……- Advertisement -
