- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ صبح سوير برسات کانپوءِ ٿڌي ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي.
ملير، ڪورنگي، صدر ٽاور ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿيو.
برسات سبب مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.
شهر جي مختلف وسڪاري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌي ۽ مٿاهين وارن علائقن ۾ جهڙالي رهندي.
موسميات کاتي موجب، ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ پوٺوهار ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.- Advertisement -
