پاڪستان پهريون صفحو ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري Sindh TV News - جنوري 30, 2024 0 ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 2 هزار 697 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 78 هزار 300 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 697 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ 914 مرد، 765 عورتون ۽ هڪ هزار 18 ٻارڙا شامل آهن. افغانستان روانگي لاءِ 110 گاڏين ۾ 132 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي. وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 78 هزار 300 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي.