ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي الانا روڊ، جناح برج ۽ اولڊ ٽرمينل روڊ ڪياماڙي جو دورو ڪيو.
ميئر مرتضيٰ وهاب هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب انهن علائقن ۾ روڊ ڪارپٽنگ جو به معائنو ڪيو.
ڪي ايم سي آفيسرن ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب کي هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته روڊ جي ڪارپيٽنگ جو ڪم تسلي بخش ٿيڻ گهرجي، ڪم جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.
ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ويجهڙ ۾ برسات سبب متاثر ٿيندڙ روڊن جي بحالي جو ڪم جاري آهي
