ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو ڌماڪي ۾ 3 غير ملڪي شهري مارجي ويا ۽ 17 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو ڌماڪي ۾ 3 غير ملڪي شهري مارجي ويا ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صوبائي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگرد غير ملڪي شهري جي گاڏي کي نشانو بڻايو، ڌماڪي ۾ هڪ غير ملڪي شهري زخمي ٿيو آهي. جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي سگنل ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي گاڏين کي باهه لڳي ويئي. ڊي آءِ جي اوڀر اظفر مهيسر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سڪيورٽي، رينجرز ، پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن. هن چيو ته ڪرائيم سين تي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي  پيو، ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، شروعاتي جاچ موجب هڪ آئل ٽينڪر ۾ باهه لڳي ۽ پوءِ ڌماڪي سان نقصان ٿيو. ڌماڪي بعد سنڌ جي گهرو کاتي جو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ واقعي واري پهتا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن غير ملڪي شهرين جي گاڏي کي نشانو بڻايو، ڌماڪي جو نشانو بڻجندڙ گاڏي ۾ پرڏيهي سوار هئا، ڌماڪو غير ملڪين جي گاڏي گذرڻ کانپوءِ ٿيو. هن چيو ته اطلاع آهن ته ڌماڪو آءِ اي ڊي آهي، ڌماڪي جي جاچ شروع ڪئي ويئي آهي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ  سان فون تي رابطو ڪري ايئرپورٽ ايندڙ ويندڙ رستا بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته واقعي جي هر رخ کان کيس انڪوائري رپورٽ ڏني وڃي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پڻ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
30%
4m/s
2%
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون