ڪراچي ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي ڏکڻ موجب، ڊفينس جي علائقي خيابان نشاط ۾ فهد بگٽي ۽ علي حيدر جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مير ميثم بگٽي، مير عيسيٰ بگٽي، علي، فهد بگٽي ۽ نصيب الله مارجي ويا جڏهن ته مير علي حيدر بگٽي ۽ قائم علي زخمي ٿي پيا. واقعي بعد مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته سمورن لاشن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻن جو جناح ۽ ٽن جو سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث ٻنهي ڌرين جو تعلق نواب اڪبر بگٽي جي ڪٽنب سان آهي، فهد بگٽي نواب اڪبر بگٽي جو ڀائٽيو ۽ علي حيدر بگٽي ڀاڻيجو آهي، ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي، قانون جي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. ڊي آءِ جي ڏکڻ چيو ته ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ بعد پوليس ڊفينس جي مختلف علائقن مان 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون