تازه ترين

ڪراچي: سائيٽ واري علائقي ۾ فائرنگ، پوليس آفيسر زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته سائيٽ اي ٿاڻي جي حد نورس چورنگي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو. ترجمان موجب زخمي پوليس آفيسر جي سڃاڻپ 47 ورهين جي محمد حنيف پٽ مجيد شاهه طور ٿي جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. پوليس موجب، زخمي پوليس آفيسر ايس ايس يو سڪيورٽي ٽو حسن اسڪوائر ۾ انسپيڪٽر طور مقرر آهي، هن وقت هو اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي رهائشگاهه جو سڪيورٽي انچارج آهي. پوليس موجب، زخمي پوليس آفيسر ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي گهر بلديا ٽائون وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن نورس چورنگي وٽ مٿس فائرنگ ڪئي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعو ڦر مزاحمت جو ناهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون