تازه ترين

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز

- Advertisement -
سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري  مختلف ضلعن مان 26 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار، 18 ڪلو چرس، هڪ ڪلو آئس، گٽڪو ۽ ٻئي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز ۽ پوليس اهلڪار منشيات خلاف دل سان ڪم ڪري رهيا آهن، منشيات سمگلنگ ۽ ٻيا ڏوهه ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، منشيات جي لعنت ختم ڪرڻ ۽ محفوظ مستقبل لاءِ  ڪوششون جاري رهنديون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. مختلف ضلعن مان 26 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار، 18 ڪلو چرس، هڪ ڪلو آئس، گٽڪو ۽ ٻئي منشيات هٿ ڪئي وئي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو ايڪسائيز ۽ پوليس آفيسرن جي محنت ۽ بهادري کي ساراهن ٿا. سندس چوڻ هو ته منشيات سمگلنگ ۽ ٻيا ڏوهه ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات جي لعنت ختم ڪرڻ ۽ محفوظ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون