- Advertisement -
فائيل..
ڪراچي شهر جي مختلف علائقن۾ پوليس مقابلن دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته ٽن زخمين سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، سينٽرل ضلعي ۾ پوليس جي مختلف علائقن ۾پوليس سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته نيٽي جيٽي پل وٽ 4 ڦورن پوليس اهلڪار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، اهلڪارن جي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاريءَ جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي جڏهنته سندن قبضي مان هٿيار هٿ آيا آهن.
ٻئي پاسي گارڊن ۾ پوليس جي مقابلي دوران گينگوار سان تعلق رکندڙ ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
هوڏانهن بلوچ ڪالوني جوڻيجو ٽائون ۾ ويجهو مقابلي دوران پوليس ٽن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 3 پسٽل، 2 موبائل فون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي.
ٻئي پاسي سينٽرل ضلعي جي لياقت آباد، شريف آباد، ناظم آباد ۽ پاپوش نگر ۾سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪومبنگ آپريشن دوران گهر گهر جهڙتي ورتي وئي جڏهن ته ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو..- Advertisement -
