- Advertisement -
ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪندي ڦرلٽ ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن سميت 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سچل سميرا چوڪ ويجهو مبينا مقابلي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ٽي ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان موٽر سائيڪل، هٿيار ۽ ڦر ڪيل موبائل فونز مليا آهن، جوابدار سميرا چوڪ ۽ ڀرپاسي مان شهرين کان ڦرلٽ ڪندا هئا.
پوليس ترجمان موجب، اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا يارنهن نمبر حوا ڳوٺ ويجهو مقابلي دوران ٻن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان هٿيار، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.
پوليس ترجمان موجب، ڊفينس فيز 8 خيابان جامي ويجهو گذري پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 2 پسٽل، ڦر ڪيل سامان ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.
هوڏانهن جهانگير روڊ تي پوليس مقابلي دوران ٻن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن، سندن قبضي مان 2 موٽر سائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار مختلف علائقن ۾ وارداتون ڪندا هئا جڏهن ته بينڪ مان رقم ڪڍرائيندڙن جو پيڇو ڪري کائن ڦرلٽ پڻ ڪندا هئا.- Advertisement -
