تازه ترين

ڪراچي: فائرنگ واقعن ۾  2 ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي جي مختلف علائقن فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اورنگي ٽائون بجلي نگر صادقين مسجد ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ 58 ورهين جي طارق پٽ غلام شاهه جي نالي سان ٿي.

پوليس جو چوڻ آهي هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڦر جون شاهديون ناهن مليون.

پوليس موجب، شروعاتي جاچ دوران واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي بلديا 8 نمبر فٽبال اسٽيڊيم ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ ناصر جي نالي طور ٿي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن فائرنگ جي ٻين واقعن ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
31 %
4.1kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون