- Advertisement -
ڪراچي ۾ پرڏيهي شهرين جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي ٿيو، جڏهن ته 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن سڪيورٽي گارڊن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
لانڍي جي علائقي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهي شهرين جي گاڏي تي آپگهاتي حملو ٿيو.
2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن سڪيورٽي گارڊن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي بعد پوليس، سڪيورٽي ادارا ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌن پهچي ويا، جن مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال پهچايو.
زخمين ۾ 45 ورهين جو نور محمد، لنگر خان ۽ سلمان مسيح شامل آهن.
ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي جو چوڻ آهي ته مانسهره ڪالوني ۾ آپگهاتي بمبار پرڏيهي شهرين جي گاڏي تي ڌماڪو ڪيو، آپگهاتي بمبار سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا.
هن چيو ته هڪ حملو ڪندڙ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو، حملي بعد فوري طور پوليس نفري پهچي وئي، فائرنگ ڪندڙ جو پوليس سان مقابلو ٿيو.
ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي چيو ته ٻيو دهشتگرد پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
ڊي آءِ جي اظفر مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي طور لڳي ٿو دهشتگردن جو انگ 2 هو ۽ ٻئي پيادل هئا، هڪ دهشتگرد گاڏي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، هڪ دهشتگرد گاڏي تي فائرنگ ڪئي.
هن چيو ته پرڏيهين سان موجود سڪيورٽي گارڊ دهشتگرد سان مقابلو ڪيو، واقعي واري هنڌ ويجهو پيٽرول پمپ تي بيٺل پوليس موبائل ڌماڪي جو آواز ٻڌي پهچي وئي.
ڊي آءِ جي اوڀر اظفر مهيسر چيو ته شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن به دهشتگرد سان مقابلو ڪيو، ۽ هڪ دهشتگرد پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو.
سندس چوڻ هو ته حملو صبح جو 6 لڳي 50 منٽ تي ٿيو، آپگهاتي بمبار جو مٿو ۽ ٻيا عضوا مليا آهن، مقابلي ۾ مارجي ويل دهشتگرد جي فنگر پرنس ذريعي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڊي آءِ جي اوڀر اظفر مهيسر چيو ته پرڏيهين بابت ٿريٽ موجود هئا، سڪيورٽي ٿريٽ سبب پوليس به الرٽ هئي، سڪيورٽي جي حوالي سان سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ پلان تيار ڪيو ويو هو.
پوليس اختيارين موجب، شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ پرڏيهين جي وين ويجهو ڌماڪو ٿيو، شروعاتي اطلاع موجب ڌماڪي وقت فائرنگ به ٿي، وين ۾ پنج پرڏيهي سوار هئا، سمورا پرڏيهي شهري محفوظ آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي شهرين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي زمزمه کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ ڪم ڪرڻ ويندا آهن.
پوليس اختيارين موجب، پرڏيهي جي وين کي موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار ذريعي نشانو بڻايو ويو، واقعي واري هنڌ تان هڪ ڪلاشنڪوف، دستي بمن سان ڀريل بيگ به ملي آهي، واقعي واري هنڌ ڀرسان هڪ ٻي گاڏي کي به نقصان پهتو.
واقعي جي اکين ڏٺي شاهد سڪيورٽي گارڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو هو ٻن گاڏين ۾ زمزمه کان نڪتا هئا، مانسهره ڪالوني ويجهو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي بعد هڪ دهشتگرد گاڏي پٺيان فائرنگ ڪري رهيو هو.- Advertisement -
