- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي معاوضو ۽ متبادل گهر ڏيڻ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.
جسٽس منيب اختر جو چوڻ آهي ته هو بنيادي ڪيس نه ٻڌي رهيو آهي جنهن ڪري توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نئين بينچ جوڙڻ جي درخواست چيف جسٽس ڏانهن اماڻي وئي آهي، اڄ بينچ جوڙڻ جو امڪان آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن اڄ بينچ جوڙي وئي ته ڪجهه دير بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي، جيڪڏهن اڄ بينچ نه ٺهي سگهي تي ڪيس جي ٻڌڻي جمعي ڏينهن ڪئي ويندي.
ٻي پاسي گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي متاثرن پاران سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
متاثرن جو چوڻ هو ته کين متبادل گهر فراهم نه پيا ڪيا وڃن.
هنن مطالبو ڪيو ته کين متباد گهر فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
