تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سموري ٽيم ۽ عملو امتحانن ۾ هيرا ڦيري جو ذميوار قرار

- Advertisement -
ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سموري ٽيم ۽ عملو امتحانن ۾ هيرا ڦيري جو ذميوار قرار،  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي ڏهين ڪلاس جي 2023ع جي نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت انڪوائري رپورٽ ملي وئي. ترجمان جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ جي سربراهي ۾ جاچ ڪئي وئي، انڪوائري ڪميٽي پنهنجي سفارشن بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. انڪوائري ڪميٽي ڪجهه سفارشن تي عمل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سموري امتحاني ٽيم نتيجن ۾ ڦيرڦار جي ذميوار آهي ۽ ڏوهي ثابت ٿي، ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ آءِ ٽي ٽيم سڀ غير ذميوار نڪتا. انڪوائري ڪميٽي، ميٽرڪ بورڊ ۾ بي ضابطگين بابت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪري ڇڏي. انڪوائري ڪميٽي، بورڊ جي ذميوار آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن وٺڻ جي سفارش ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ميٽرڪ بورڊ انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي رپورٽ موجب، جاچ دوران ڪو به ملازم بيان ڏيڻ وقت سنجيده نه مليو، ان وقت جي امتحانن واري وقتي ڪنٽرولر عمران جو بيان غير سنجيده آهي، ڪو به نه ٻڌائي سگهيو ته اصل نتيجو ڪهڙو آهي ۽ ڪيتريون تبديليون ٿيون. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اعلانيل نتيجن جي ڀيٽ لاءِ اصل رڪارڊ ڪميٽي کي فراهم نه ڪيو ويو. ڪميٽي جي رپورٽ موجب، نتيجن ۾ ڦيرڦار دوران ڊپٽي ڪنٽرولر خالد احسان عهدي تي هو، بورڊ چيئرمين چيو ته خالد احسان جو سڌو سنئون تعلق نتيجن جي عمل سان آهي. ڪميٽي ٻڌايو ته خالد کي جاچ ڪميٽي جو ميمبر به مقرر ڪيو ويو آهي، ميٽرڪ بورڊ جي آئي ٽي ونگ کي بورڊ انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ميٽرڪ بورڊ جي هن غفلت سبب هر طرح جي ڦيرڦار ۽ بدانتظامي شروع ٿي وئي. ڪميٽي چيو ته گذريل سال ميسرز بيسڪيمپ آءِ ٽي سالوشن طرفان هڪ نئون رزلٽ سافٽ ويئر متعارف ڪرايو ويو، شاگردن گذريل سال پراڻي سافٽ ويئر تحت داخلا ورتي هئي. انڪوائري ڪميٽي جو چوڻ آهي ته نئين سافٽ ويئر هن سال شايع ٿيل مضمونن جي ٽوٽل نمبرن جو حساب ڪري گزٽ ۾ شامل ڪيو، ٻن سافٽ ويئرن جي هڪجهڙائي نه هئڻ سبب وڌيڪ گريڊ گريس کي به گزٽ شامل نه ڪيو ويو. ڪميٽي چيو ته اهو عمل نااهلي جو واضح ثبوت آهي ۽ بورڊ انتظاميا مطمئن ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي، ميٽرڪ بورڊ ۾ او ايم آر سسٽم پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪميٽي رپورٽ ۾ چيو ته امتحاني پيپرن جي جاچ ۾ شامل استادن کي ڪا به تربيت نه ڏني وئي، تربيت نه هئڻ سبب نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ غلطيون سامهون آيون آهن، بورڊ آفيس انتظاميا طرفان ڪيترائي ڀيرا وڏيون بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته نئين سسٽم کان اڳ ڪمپني ۽ بورڊ انتظاميا جي عملي کي مڪمل تربيت ڏيڻ گهرجي ها، ميٽرڪ بورڊ انتظاميا هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڪميٽي کي مطمئن نه ڪري سگهي. ڪميٽي رپورٽ موجب، اسڪيمن جي رڪارڊ تي عمل لاءِ مناسب مڪمل گزيٽ موجود نه هئي، جاچ دوران معلوم ٿيو ته ڪو به شاگرد ڪيترائي ڀيرا سوال پڇڻ سان ڪنهن به نتيجي تائين پهچي ويندو آهي، اڪثر شاگردن کي مارڪ شيٽ لاءِ ڪيترائي ڀيرا چڪر هڻڻا پوندا آهن. ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ آءِ ٽي ٽيم سميت سموري امتحاني ٽيم واضح غلطين جي ذميوار آهي، وڌيڪ جاچ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ذريعي ڪرائي سگهجي ٿي. ڪميٽي رپورٽ موجب، سمورن ذميوار آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي جي ضرورت آهي، بورڊ انتظاميه جا ڪجهه عنصرن بنيادي طور تي امتحانن تي اثرانداز ٿيا آهن، آئي ٽي سيل، سافٽ ويئر ڪنسلٽنگ فورم ۽ ڪنٽريڪٽ ايڊمنسٽريشن سست رفتاري جو شڪار آهي. ڪميٽي چيو ته ائين لڳي ٿو ته نتيجن لاءِ پيشوراڻي طور تي ذميوار ناهن، ايگزامينيشن برانچ ۾ اهڙو عملو آهي جيڪو انڪوائري دوران غير معمولي ۽ لاپرواهه آهي، عملي هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا جيڪا انتهائي غير پيشوراڻي آهي. ڪميٽي وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته بورڊ چيئرمين سڌارا آڻڻ، پراڻي ۽ نئين سسٽم کي هلائڻ ۾ ناڪام رهيو، بورڊ چيئرمين جي لاپرواهي سبب مجموعي ڪارڪردگيءَ کي نقصان پهتو. ڪميٽي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٻاهرين خدمتن ذريعي سڄي امتحان ۾ نظرثاني جي ضرورت آهي، نيون ڀرتيون ۽ عملي جي تربيت وڌيڪ ضروري آهي، ڪردارن ۽ ذميوارن جو چيڪ اينڊ بيلنس سان احتساب ڪرائڻو پوندو، ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن اهم عهدو آهي جنهنڪري هن لاءِ بهترين آفيسر کي اهو ڪم ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون