- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ واپاري کي اغوا ۽ ڦر ڪرڻ جي الزام هيٺ زمان ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت 4 پوليس اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ واپاري ۽ سندس ساٿين کي سپر هاءِ وي تان اغوا ڪري واپاري جي گاڏي مان هڪ ڪروڙ 18 لک رپيا به ڦر ڪيا ويا هئا.
پوليس عملدارن موجب، واقعي کانپوءِ پوليس پارٽي واپاري کي نارٿ ناظم آباد ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي هئي.
پوليس اختيارين موجب، جاچ دوران ايس ايڇ او زمان ٽائون ۽ پوليس پارٽي واپاري جي اغوا ۽ ڦر ۾ ملوث نڪتي آهي، ايس ايڇ او زمان ٽائون رائو رفيق کي معطل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
