ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهنڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن، ثقافتي ۽ ادبي تقريبون ڪوٺائي ڪراچي شهر جي تاريخي سڃاڻپ بحال ڪئي پئي وڃي،  پنهنجي ثقافتي ورثي جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي پوندي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب خالقدينا هال جي مرمت ۽ سجاوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻيا به مرتضيٰ وهاب سان گڏ هئا. خالق دينا هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سندن تاريخي ورثو فن ۽ ادب آهي، ماڻهن کي ڪراچي جي تاريخ جي ڄاڻ نه آهي، هو چاهي ٿو ته ٻارن کي ڪراچي جي تاريخ جي خبر پئي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ساک ۽ روشنيون بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پرامن شهر آهي ۽ ترقياتي ڪم جاري آهن. ڪراچيءَ جي ميئر چيو ته ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪن پيا، تاريخي هنڌن جي مرمت ۽ سجاوٽ ڪي ايم سي ڪندي، سال اڳ تاريخي خالد دينا حال جي عمارت جي ڪهڙي حالت هئي سڀني ڏٺي هئي. مرتضيٰ وهاب چيو ته 1906ع ۾ خالق دينا هال ٺهيو هو، جنهن کي هنن ٻيهر خوبصورت بڻايو، جيڪو جذبو خالق دينا جو هو، اهو ئي ڪراچي وارن جو آهي، ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، کين پنهنجي ورثي جو تحفظ ڪرڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
39%
3.7m/s
78%
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
28 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون