ڪراچي: پوليس ۽ رينجرز جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات، هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. رينجرز ترجمان موجب، پوليس ۽ رينجرز طرفان منشيات وڪرو ڪندڙن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦر جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو جاري آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز دائود ڳوٺ بلديا ٽائون ۽ شر ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي. رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڦر ۽ منشيات وڪرو ڪرڻ جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 200 گرام حشيش، هڪ پسٽل ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي هٿيارن، منشيات ۽ ٻئي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
26%
5.4m/s
4%
سُومر
23 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون