ڪراچي ڪار فٽ پاٿن تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، 2 ڄڻا فوت، ٽي ڄڻا زخمي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي ننڊ ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر چيڀاٽجي فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ناگن پل وٽ ويجهو تيز فتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فٽ پاٿ تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو باليَ ۽ 8 ورهين جو اشوڪ موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته سري رام، سيتا رام ۽ لاليَ زخمي ٿي ويا، ريسڪيو ٽيمن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ماڻهو پاڻ ڀائر هئا ۽ بي گهر هئا ، واقعي وقت فٽ پاٿ تي ستل هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ 2 ڄڻا سوار هئا جيڪي نشي ۾ ڌت هئا، حادثي کانپوءِ ٻئي ڄڻا ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا  ڪئي پئي وڃي. حادثي ۾ فوت ٿيلن جي ڀاءُ ستارا ٻڌايو ته هو پاڻ ۾ 6 ڀائر آهن، ڏينهن جي وقت ۾ ريڙهي تي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن، واقعي وقت سڀئي ڀائر فوٽ پاٿ تي سمهي رهيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28 ° C
28 °
28 °
33%
5.2m/s
5%
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون