- Advertisement -
ڪراچي ۾ رواداري مارچ تي لٺبازي واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.
اي آءِ جي آپريشن اظهر خان معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفيڪشن موجب، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ فدا حسين مستوئي ڪميٽي جو سربراهه هوندو جڏهن ته ڊي آءِ جي اولهه عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي عارف اسلم رائو ڪميٽي ۾ شامل آهن.
ڪميٽي کي 5 ڏينهن اندر واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.- Advertisement -
