تازه ترين

ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان نگران ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر جي ملاقات

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان نگران ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر ملاقات ڪئي آهي.

گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز، معاشي صورتحال ۾ بهتري جي حڪمت عملي، ايڪسپورٽ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته  ڪراچي جي واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڄاڻايل وزارتن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

سندس چوڻ هو ته معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نگران وفاقي حڪومت جا قدم واکاڻ جوڳا آهن.

سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته ڊالر جو ايڪسچينج اگهه هيٺ اچڻ سان مختلف شعبن ۾ بهتري ايندي.

ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سيڙپڪارن کي همٿائڻ ۽ کين سهولتون ڏيڻ سان سٺا نتيجا نڪرندا.

نگران ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ سيڙپڪارن کي مختلف سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

سندس چوڻ هو ته نگران وفاقي سرڪار ملڪ جي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي.

وفاقي وزير شمشاد اختر وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صنعتڪارن ۾ رابطي لاءِ سنڌ جو گورنر اهم ڪردار ادار ڪري رهيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون