تازه ترين

ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اعليٰ سطحي اجلاس

- Advertisement -
ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول پاران آپريشنز کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ افرادي قوت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شاهراهن تي ايڪسائيز کاتي جي چيڪ پوسٽن کي مڪمل فعال ڪرڻ ۽ بين الصوبائي سرحدن تي نيون چيڪ پوسٽون تعمير ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايڪسائيز اهلڪار هر وقت چيڪ پوسٽن تي مقرر هوندا، جيڪي ٻين فورسز جيان چيڪنگ کي يقيني بڻائيندا. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چوڪين جو ڪم فوري طور شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. اجلاس ۾ موٽر وي ونگ مان 100 کان وڌيڪ اهلڪارن کي به نارڪوٽڪس ونگ ۾ آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي منشيات خلاف آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ ڏني. شرجيل ميمڻ چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهلڪارن جو انگ وڌايو ويندو. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ ڊرگ ٽيسٽنگ جلد شروع ڪئي ويندي، تياريون آخري مرحلي ۾ آهن. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات سماج کي کوکلو ڪري رهي آهي، روزاني بنياد تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. شرجيل ميمڻ هدايتون ڪندي چيو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ سنيپ چيڪنگ جو موثر نظام شروع ڪيو وڃي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون