- Advertisement -
پ پ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي بيوس اڳواڻ خالد مقبول صديقي نفرت جي سياست ڪئي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويا آهن، هنن سمجهيو ته ايم ڪيو ايم هاڻي نفرت واري سياست نه ڪندي.
سعيد غني چيو ته ڪالهه ڪورنگي ۾ سندن ڪائونسلر عامر عباسي کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ڪيو ويو آهي، هو قاتلن تائين پهچندا، سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سٺي ڳالهه نه آهي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته هنن سمجهيو ته اهي ڪا نئين ڳالهه ڪندا پر اهي ڪٿي نه ڪٿي زهر اوڳاڇي ڇڏيندا آهن.
سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم اڃا نفرت واري سياست کان ڌار نه ٿي آهي، هنن ايم ڪيو ايم باني کان نفرت واري سياست جو سبق سکيو آهي، هنن مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن کي پاڻ ۾ ويڙهايو.
هن چيو ته پ پ گذريل حڪومت ۾ نوڪرين جا اشتهار جاري ڪيا هئا، ايم ڪيو ايم جي خواهش هئي ته ڀرتي ڪميٽي ۾ کين شامل ڪيو وڃي.
سعيد غني چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرتين جي ٽيسٽ لاءِ آءِ بي اي جي چونڊ ڪئي، سکر آءِ بي اي جهڙي بهترين اداري کي تڪراري بڻايو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ڀرتين واري ڪيس تي جشن ملهائي رهي آهي.- Advertisement -
