ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

spot_img
ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ سرجاني پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي سنيپ چيڪنگ ڪندي سرجاني ويجهو ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث شبير، جمشيد ۽ گل باز کي گرفتار ڪيو. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 3 پسٽل، گوليون، 3 موبائل فون ۽ هڪ جعلي نمبر پليٽ لڳل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ سندن خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي هٿيارن ۽ سامان سميت قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون