تازه ترين

ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو آهي : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪيترن ئي عنصرن ڄاڻي واڻي ڪرم معاملي کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتري لاءِ گرينڊ جرڳي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي پهچي ملاقات ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير، جي يو آءِ سربراهه کان خير خيريت معلوم ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان مولانا فضل الرحمان جي صحت بابت نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خيبرپختونخوا خاص طور ڪرم ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه سان پراڻا لاڳاپا آهن، ملڪي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪيترن ئي عنصرن ڄاڻي واڻي ڪرم معاملي کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتري لاءِ گرينڊ جرڳي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون