تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب ڪرايا آهن: حارث نواز

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته مکي جڳديش ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي ويا آهن، اڄ کين وارثن حوالي ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته  سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي لڳل ڌرڻو  ختم ٿي ويندو.

هن چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل اقليتي برادري جي ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، باقي ٻن کي به بازياب ڪرايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته مغوين واري معاملي کان هٽي ڪيل مطالبن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڀنگ طلب ڪندڙ وڏيري ۽ سردار جي نشاندهي ڪئي وڃي ته رقم واپس ڪرائي ويندي.

برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته  پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته  پيرن جي حويلين ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي سرچ آپريشن ڪيو ويندو، ڀلي ڪو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجن کين بخش نه ڪيو ويندو.

برگيڊيئر حارث نواز چيو ته   پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، منشيات، سمگلنگ ۽ گٽڪي جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
38 %
0.2kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون