- Advertisement -
ڪشمور ويجهو سنڌ پنجاب دنگ تي پوليس چوڪي تي حملي ۾ سب انسپيڪٽر شهيد ۽ 4 ڌاڙيل مارجي ويا.
پنجاب پوليس موجب، ڪشمور ويجهو سنڌ-پنجاب دنگ تي پنجاب پوليس جي چوڪي تي حملو ڪيو ويو.
پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي حملي ۾ سب انسپيڪٽر محمد رمضان شهيد ٿي ويو آهي.
پنجاب پوليس موجب، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 ڌاڙيلن رکو ڪوش، گنبو، مني ڪوش ۽ صديق مارجي ويا، جن جا لاش ظاهر نه ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
