- Advertisement -
گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪمشنر ڪراچي قلم 144 لڳايو هو، احتجاج ڪندڙن قانون جي خلاف ورزي ڪئي.
ڪراچي پريس ڪلب، ٽي تلوار ۽ ميٽروپول وٽ مظاهرن بابت رد عمل ڏيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پوليس قلم 144 جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.
هن چيو ته جن ماڻهن قانون هٿ ۾ کنيو، انهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته صحافين سان پوليس جي ناروا سلوڪ ۽ تشدد بابت جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
گهرو وزير چيو ته جن پوليس اهلڪارن سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ باوجود صحافين تي تشدد ڪيو، انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.- Advertisement -
