- Advertisement -
وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته آئيني ترميم جي ڪا به جمهوري پارٽي مخالفت نه ٿي ڪري سگهي، پارليامنيٽ جو ڪم ڪنهن عدالتي فيصلي سان نه ٿو ٿئي سگهي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته عدالت جا سياسي فيصلا ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن وٺي ويندا آهن، مخصوص سيٽن جو به موڪل واري ڏينهن فيصلو ڪيو ويو.
هن چيو ته 58 ٽو بي سان حڪومتون ختم ٿيون، آئين مان 85 ٽو بي ختم ٿي ته اهو ڪم عدالت کان شروع ٿي ويندو، هو عدليا کي سياسي معاملن کان پري رکڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته نواز ليگ جي حڪومت ختم ڪري ترقي جو سفر ختم ڪيو ويو، عدالت نواز شريف جي معاملي تي اهو ڪم ڪيو ۽ عدالت اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ججز حمزه شريف جي حڪومت ختم ڪئي.
وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي چڪي هئي، 26 مهينن جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم هنن ساٿ ڏنو ۽ ڀرپور حڪومت ڪئي.
هن چيو ته بجلي بحران جي حوالي سان وزيراعظم سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم تجويزون ڏنيون ۽ هو آءِ پي پيز جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 140 اي جي هو به حمايت ڪن ٿا، آئيني ترميم پاس ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم جي مسودي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، گم ٿيل ڪارڪنن واري معاملي تي به جلد هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي.- Advertisement -
