- Advertisement -
وزير تعليم سردار شاهه پنجاب جي وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي تعليمي نظام جيان وزيراطلاعات به اپڊيٽ ناهي.
هن چيو ته عظميٰ بخاري جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ ڪروڙ 20 لک ٻارن جي مستقبل جي حوالي سان پنجاب جي ڪا به پاليسي واضح ناهي، سنڌ ۾ پاڪستان جي پهرين ٽيجرز لائسنس پاليسي لاڳو ٿي چڪي آهي، لائسنس پاليسي سان سنڌ ۾ ٽيچنگ معيار بهتر بڻائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
سردار شاهه چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ اپگريڊيشن پاليسي منظور ڪئي وئي آهي، 60 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن، صوبي ۾ ڪو به اسڪول استاد نه هئڻ جي ڪري بند ناهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته پنجاب ۾ هن وقت به سرڪاري اسڪولن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ استادن جي کوٽ آهي، چئلينجز باوجود سنڌ ۾ سڌارن وارو عمل جاري آهي
هن چيو ته يونيسڪو جي ٽيچنگ پريڪٽسز جي مقابلي ۾ سنڌ جي استادن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، 25 ملڪن وچ ۾ ٿيل مقابلن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي سرڪاري اسڪول جي استاد تبسم لغاري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
سردار شاهه چيو ته پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪندڙ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ هنر سيکارڻ لاءِ سنڌ ۾ نصاب شروع ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
