ڪنب ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ مختلف ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ صحافين سانول ڳاهو، همت تمراڻي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ فيض ميڊيڪل سينٽر کان مک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جي وڪري سبب نوجوان نشي جا عادي ٿي ويا آهن.
هنن چيو ته منشيات جي سري عام وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات جو خاتمو ڪيو وڃي.
