تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي، عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي : جاويد لطيف

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي، عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جنهن ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ان کي ڪا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي، اليڪشن کانسواءِ رڳو جمهوريت نه پر ملڪ جو به تمام گهڻو نقصان ٿي ويندو، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا، ڊان ۽ سسلين مافيا جا اڄ تائين لفظ واپس نه ورتا ويا، اڄ هڪ شخص کي ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، اليڪشن کانسواءِ ملڪ جو حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڊان ۽ سسلين مافيا جا اڄ تائين لفظ واپس نه ورتا ويا، اڄ هڪ شخص کي ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته 2018ع ۾ ن ليگ لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ نه هئي ڇا ان وقت معصوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪير چئي ٿو 9 مئي جا واقعا ڪو ڏوهن ناهن ته آئين بدلائي ڇڏيو. هن چيو ته ن ليگ سينيٽ جي چونڊ بنا چونڊ نشان جي وڙهي تڏهن ته ڪنهن آواز نه اٿاريو، هن وقت ڪنهن اهو نه چيو ته ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت واري پارٽي سان ناانصافي نه ڪئي وڃي، مقبول ٿيڻ لاءِ جلسا جلوس ڪرڻا پوندا آهن، ڪڏهن سوشل ميڊيا تي به ڪو مقبول ٿيو آهي. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته ماضي ۾ ڪنهن جي خواهش تي فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ڪيا ويندا هئا، اڄ چيو ويندو آهي ضمانت لاءِ حاضري ضروري آهي، جنهن ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ان کي ڪا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته کين رڳو فيلڊ ملي آهي ليول ته ملي ئي ناهي، سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته اليڪشن کانسواءِ رڳو جمهوريت نه پر ملڪ جو به تمام گهڻو نقصان ٿي ويندو، اوهان ڪنهن کي معصوم چيو يا گڊ ٽو سي يو، کيس اعتراض ناهي، 9 مئي تي ملڪي استحڪام ۽ رياستي ادارن کي نقصان پهچايو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون