- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي، عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جنهن ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ان کي ڪا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي، اليڪشن کانسواءِ رڳو جمهوريت نه پر ملڪ جو به تمام گهڻو نقصان ٿي ويندو، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا، ڊان ۽ سسلين مافيا جا اڄ تائين لفظ واپس نه ورتا ويا، اڄ هڪ شخص کي ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، اليڪشن کانسواءِ ملڪ جو حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڊان ۽ سسلين مافيا جا اڄ تائين لفظ واپس نه ورتا ويا، اڄ هڪ شخص کي ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته 2018ع ۾ ن ليگ لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ نه هئي ڇا ان وقت معصوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪير چئي ٿو 9 مئي جا واقعا ڪو ڏوهن ناهن ته آئين بدلائي ڇڏيو.
هن چيو ته ن ليگ سينيٽ جي چونڊ بنا چونڊ نشان جي وڙهي تڏهن ته ڪنهن آواز نه اٿاريو، هن وقت ڪنهن اهو نه چيو ته ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت واري پارٽي سان ناانصافي نه ڪئي وڃي، مقبول ٿيڻ لاءِ جلسا جلوس ڪرڻا پوندا آهن، ڪڏهن سوشل ميڊيا تي به ڪو مقبول ٿيو آهي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته ماضي ۾ ڪنهن جي خواهش تي فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ڪيا ويندا هئا، اڄ چيو ويندو آهي ضمانت لاءِ حاضري ضروري آهي، جنهن ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ان کي ڪا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي.
سندس چوڻ هو ته کين رڳو فيلڊ ملي آهي ليول ته ملي ئي ناهي، سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته اليڪشن کانسواءِ رڳو جمهوريت نه پر ملڪ جو به تمام گهڻو نقصان ٿي ويندو، اوهان ڪنهن کي معصوم چيو يا گڊ ٽو سي يو، کيس اعتراض ناهي، 9 مئي تي ملڪي استحڪام ۽ رياستي ادارن کي نقصان پهچايو ويو.- Advertisement -
