- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن کي به سڌارن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پيڪا ايڪٽ جي مخالفت ڪندڙ ٻڌائين ته ڪهڙي شق تي اعتراض آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا لاءِ قانون موجود آهن، سوشل ميڊيا لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، اختلاف رکندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ دنيا جي بهترين طريقا اختيار ڪيا ويا آهي، سوشل ميڊيا جي خطرن کي روڪڻ لاءِ هي هڪ سٺو قدم آهي، ايڪٽ جو مقصد فيڪ نيوز جو خاتمو ۽ سوشل ميڊيا جي خطرن جو ازالو ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته پيڪا ايڪٽ جي مخالفت ڪندڙ ٻڌائين ته ڪهڙي شق تي اعتراض آهي، ڇا فيڪ نيوز کي روڪڻ تي اعتراض آهي؟، ڪا هڪ شق ٻڌايو جنهن تي اعتراض آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڊجيٽل ميڊيا تي ڪو چيڪ ناهي، ڪو ايڊيٽوريل ڪنٽرول ناهي، ڪجهه ماڻهو صحافت جي آڙ ۾ صحافت کي بدنام ڪندا آهن، عورتن کي هيسايو ۽ بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، صحافي سمجهن ٿا ته حق تلفي ٿي رهي آهي ته اهي هائيڪورٽ وڃي سگهن ٿا، جلد ڊجيٽل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ خانگي شعبي سان نامزدگيون ڪيون وينديون، پريس ڪلب يا صحافتي تنظيمن سان لاڳاپيل صحافين کي شامل ڪيو ويندو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ادارن جا ملازم قومي اثاثو آهن، ملازمن جي محنت ۽ صلاحيت ئي اداري جي ڪاميابي جو بنياد هوندي آهي، ڪرپشن ادارن کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي، سمورن ادارن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ڪنهن کي سڌارن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.- Advertisement -
