تازه ترين

ڪنڊيارو: تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو ۽ ڌرڻو

- Advertisement -
ڪنڊياري تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف مختلف ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. واجد حسين، سعيد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي اسپتال جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جون سهولتون نه آهن، تعلقي اسپتال رڳو ريفر سينٽر بڻيل آهي. هنن چيو ته چار ڏينهن اڳ صبح جي وقت اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب عورت جاڙن ٻارن کي فرش تي جنم ڏنو جيڪي وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا. سندن چوڻ هو ته هن وقت تائين ايم ايس سميت غير ذميواري جو مظاهرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي سگهي. احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هائيڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال کي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون