- Advertisement -
ڪنڊياري ويجهو قومي شاهراهه تي ڪوهيڙي سبب ٻن وينن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
ڪوهيڙي سبب ڄام ڳوٺ ويجهو ٻن وينن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ سکر واسي شبانا خانزادو طور ٿي آهي، حادثو ڪوهيڙي ۽ تيز رفتاري سب پيش آيو آهي.
حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
