- Advertisement -
ڪوٽڏيجي ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ماءُ ڌيءُ قتل ٿي ويون، پيءُ ۽ ٻي ڌيءُ زخمي ٿي پيا.
گوليون لڳڻ سبب فهميده ۽ سندس ڌيءُ رابعا قتل ٿي ويون، پوليس پهچي ٻنهي ماءُ ڌيءُ جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ هو ته وارث ايندا ته سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.- Advertisement -
